دولت شاهه امير

دولت شاهه امير: نامور مؤرخ، اديب ۽ شاعرامير‘ دولت شاهه، علاءُ الدوله بختي شاهه جو پٽ هو، جنهن جو ڪتاب ’تذڪره دولت شاهه‘ مشهور آهي، جنهن ۾ ننڍي کنڊ جي سمورن قديم فارسي ٻوليءَ جي شاعرن جو مڪمل احوال موجود آهي. دولت شاهه ايران جي شهر اسفرائين جي هڪ جاگيردار خاندان مان هو. سندس والد، تيمور بادشاهه جي پٽ شاهه رخ مرزا جو خاص مصاحب هو. هن جڏهن ’تذڪره دولت شاهه/ تذڪره الشعرا‘ لکڻ شروع ڪيو ته ان وقت سندس عمر تقريباً پنجاهه سال هئي ۽ تقريباً 892هه/1487ع ۾ پنهنجي وفات واري سال مڪمل ڪيو، پر هن جي وفات جي تاريخ معلوم نه آهي. مشهور وزير علي شير نوائي، دولت شاهه تعريف ڪندي لکي ٿو ته هن وڏن ماڻهن سان اُن ڪري ملڻ جلڻ ترڪ ڪري ڇڏيو هو ته جيئن پنهنجو قيمتي وقت ڪتابن جي مطالعي ۽ پنهنجي ڪتاب ’تذڪره دولت شاهه‘ لکڻ ۾ صرف ڪري. هن جو ڪتاب ’تذڪره الشعرا‘ سڀ کان آڳاٽو تذڪرو آهي. هن تذڪري جا ست حصا آهن. هر حصي ۾ تقريباً ويهن شاعرن جو ذڪر آهي، جن جي احوال سان گڏوگڏ سندن شاعري ۽ سلطانن جو به تفصيلي ذڪر آهي. ڪتاب جي تفصيلي ديباچي ۾ شاعريءَ جي جن فن تي بحث ڪيو ويو آهي. ستن حصن مان آخري حصو انهن ستن شاعرن لاءِ مخصوص آهي، جيڪي مصنف جا همعصر هئا. ان ۾ سلطان حسين مرزا بايقرا جي مدح و ثنا به ڪيل آهي، جيڪو بادشاهه هئڻ سان گڏوگڏ هڪ وڏو عالم، فاضل ۽ شاعر هو. تذڪري ۾ شاعرن جي ڪلام جو تمام عمدو انتخاب ڏنل آهي. هن تذڪري ۾ فارسيءَ جي نامور شاعرن جو احوال به موجود آهي. دولت شاهه پنهنجي زندگيءَ جو هر وقت صرف علم حاصل ڪرڻ ۽ تصنيف و تاليف ۾ صرف ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو